بهرام گور2

بهرام گور: مشهور شاعر بهادر جگنو ۽ رحمدل بادشاهه بهرام گور جو جنم ايران جي بادشاهه يزديگرد (421-399ع) جي گهر ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي گذاري وڃڻ جي ڪري پاڻ پنهنجي ڀائرن شاهپور جيڪو آرمينيا جو بادشاهه هو ۽ نرسي جي سرپرستيءَ هيٺ جزيره عرب ان وقت جي بادشاهه منظر جي محل ۾ سندس ئي نگراني ۾ رهندو هو ۽ اتي ئي هن عربي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، گهوڙي سواري، تير اندازي، هٿيارن جي استعمال کانسواءِ موسيقي ۽ شڪار ڪرڻ پڻ سکيو. يزديگرد جي وفات کانپوءِ ڪن اميرن ۽ وزيرن هڪ سازش تحت يزديگرد جي پٽن کي نظر انداز ڪري هڪ ساساني شهزادي خسرو کي ايران جو بادشاهه بڻايو، پر جڏهن انهي ڳالهه جي خبر بهرام کي پئي ته هن پنهنجو تخت واپس وٺڻ لاءِ عرب بادشاهه منظر کان مدد گهري جنهن کيس فوجي دستن ساڻ ايران روانو ڪيو پر هڪ ٺاهه تحت خسرو کي تخت تان لاهي بادشاهي بهرام گور جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح بنا ويڙهه ۽ رت وهائڻ جي بهرام گور ايران جو بادشاهه بڻجي ويو. تخت تي ويهڻ کانپوءِ هن پهرين جنگ ترڪن خلاف وڙهي ترڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ نرسي کي گورنر مقرر ڪرڻ کانپوءِ 421ع ۾ هن رومين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو جيڪي جلدبازي ڪري ايران جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا، پر بهرام گور جي لشڪر کي ڏسي هڪ صلح نامي تحت واپس روم هليا ويا. بهرام گور نه فقط هڪ بهادر حڪمران ۽ ڏاهو هو پر هو ڪيتريون ٻوليون پڻ ڄاڻيندو هو جن ۾ عربي، فارسي، پهلوي، ترڪي، عبراني، رومي، هندي ۽ هروي سميت ڪيتريون ئي ٻوليون شامل هيون جيڪي هو مختلف موقعن تي ڳالهائيندو هو. ان کانسواءِ هو موسيقي جو تمام وڏو شوقين هو هن پنهنجي دؤر ۾ اُتان جي موسيقارن، ڳائڻن ۽ ٻين فنڪارن کي پنهنجي دٻار ۾ وڏا وڏا عهدا پڻ ڏنا ۽ ملڪ اندر انصاف ۽ قانون لاءِ بهترين ڪم ڪرڻ کانسواءِ عام عوام جي غضب ٿيل حقن کي بحال پڻ ڪيو. تاريخدانن بهرام گور جي سمورن ڪارنامن باوجود کيس هڪ عياش ۽ فضول خرچ بادشاهه ڄاڻائڻ کانسواءِ هن جي موت بابت اهو لکيو آهي ته 438ع يا 439ع ۾ هڪ شڪار جو پيڇو ڪندي ڪنهن کاهي يا پراڻي کوهه ۾ ڪرڻ سبب ٿيو پر ايراني مشهور شاعر فردوسي لکيو آهي ته: ’بهرام گور جو طبعي موت ٿيو هو.‘ قصه گوئي ۾ سنڌ جي ڪيترن اديبن بهرام گور جا قصا لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو